ڪينيا ۾ ارشد شريف جي قتل کانپوءِ شوٽنگ سائيٽ بند ڪئي وئي

ڪينيا ۾ ارشد شريف جي قتل کانپوءِ شوٽنگ سائيٽ بند ڪئي وئي

ڪينيا (ويب ڊيسڪ)صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف جي قتل ڪيس کانپوءِ ڪينيا ۾ شوٽنگ واري جاءِ تي سمورا آپريشن بند ڪيا ويا.ڪجھ عملي جا ميمبر ايمڊمپ تي رھيا آھن جڏھن ته سائيٽ تحقيق لاءِ بند آھي.ارشد شريف جي قتل کانپوءِ آمريڪي سيڪيورٽي فرم، پوليس اٿارٽي ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين شوٽنگ واري هنڌ سان معاهدا ختم ڪري ڇڏيا آهن.ارشد شريف پنهنجا آخري لمحا ماگدي ۾ شوٽنگ واري جاءِ تي گذاريا.شوٽنگ سائيٽ ڪراچي جي ٻن ڀائرن وقار احمد ۽ خرم احمد جي ملڪيت آهي. رپورٽن مطابق ٻنهي ڀائرن جي ڪاروباري معاملن جي نگراني ڪندڙ هڪ شخص جو چوڻ آهي ته شوٽنگ سائيٽ جلد کولي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو