ڪيس جي لائيو ڪوريج جي اجازت ڏيو، جسٽس عيسيٰ

ڪيس جي لائيو ڪوريج جي اجازت ڏيو، جسٽس عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ درخواست داخل ڪ.ي آهي ته سندس نظر ثاني جي اپيل جي ٻڌڻي براهه راست ٽيلي ويزن تي نشر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. جسٽس قاضي فازئز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪيو ويو هو پر ساڳئي فيصلي ۾ 10 مان 7 ججن اتفاق راءِ سان چيو هو ته سندس خلاف ٽيڪس معاملن جي جاچ ايف بي آر ڪري رپورٽ جمع ڪرائي. ان نقطي خلاف هن نظر ثاني جي درخواست داخل ڪ.ي هئي جنهن جي ٻڌڻي پهرين مارچ کان جسٽس عمر عظا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني بينچ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو