راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آئين پاڪستان اسان تي اندروني ۽ بيروني سلامتي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو، جيڪو به پاڪستان جي سلامتي ۾ رڪاوٽ بڻجندو،اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ته هو ان جا نتيجا ڀوڳيندو،اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پاڪستاني سپاهي آهي.هن جنگ ۾ ڪي يونيفارم ۾ آهن ۽ ڪي يونيفارم کان بغير آهن،اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي مقدم آهي، آئين پاڪستان اندروني ۽ بيروني سلامتي جي ذميداري اسان تي عائد ڪري ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان جي سلامتي ۾ رنڊڪ وجهندو، ڪم ڪرڻ کان روڪيندو، ان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گورنرس ۾ موجود خاميون هر روز پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڏئي پورو ڪري رهيا آهن.










