ڪير به پاڪستان جي سيڪيورٽي تي رڪاوٽ ٿيو  کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا

ڪير به پاڪستان جي سيڪيورٽي تي رڪاوٽ ٿيو کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آئين پاڪستان اسان تي اندروني ۽ بيروني سلامتي جي ذميواري لاڳو ڪري ٿو، جيڪو به پاڪستان جي سلامتي ۾ رڪاوٽ بڻجندو،اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيندو ته هو ان جا نتيجا ڀوڳيندو،اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پاڪستاني سپاهي آهي.هن جنگ ۾ ڪي يونيفارم ۾ آهن ۽ ڪي يونيفارم کان بغير آهن،اسان سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي مقدم آهي، آئين پاڪستان اندروني ۽ بيروني سلامتي جي ذميداري اسان تي عائد ڪري ٿو ۽ جيڪو به پاڪستان جي سلامتي ۾ رنڊڪ وجهندو، ڪم ڪرڻ کان روڪيندو، ان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گورنرس ۾ موجود خاميون هر روز پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڏئي پورو ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو