ڪي پي ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارواين ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا

ڪي پي ۾ سيڪورٽي فورسز جي ڪارواين ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواه جي مختلف علائقن ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ ٻن اهم ڪمانڊرن سميت ڀارتي اسپانسرڊ 27 دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳايو آهي. جن مان 11 دهشتگرد وزيرستان ۽ 16 خارجي بنون جي مختلف علائقن ۾ مارجي ويا آهن.
بنون آپريشن ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جن جي بنون پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سرڪاري اعزاز سان سندن اباڻن علائقن ۾ تدفين ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز گذريل 48 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي دته خيل علائقي ۾ ڪيل ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل مختلف آپريشنز ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. بيان موجب سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ “خوارجن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن” کي نشانو بڻايو، جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي۔
بيان ۾ چيو ويو ته “ڀارت جي سرپرستي هيٺ هلندڙ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 11 خوارج آپريشن دوران اثرائتي نموني ختم ڪيا ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، ۽ اهي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم هئا۔”
بيان موجب علائقي مان باقي رهيل دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ صفائي وارو آپريشن جاري آهي۔
سيڪورٽي فورسز موجب بنون ۾ مريان جي علائقي ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، جي مارجي ويل 16 دهشتگردن ۾ 2 اهم ڪمانڊر زمري نور ۽ افغان ڪمانڊر عبدالله سعيد به شامل آهن. هن آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ پڻ تباهه ڪيا ويا۔
آپريشن دوران فرض نڀائيندي ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا۔ شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل وحيدالله خان ۽ ڪانسٽيبل نورالله خان طور ڪئي وئي آهي۔
شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان بنون پوليس لائنز ۾ ادا ڪئي وئي۔ تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، علائقي جي معززن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔
سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا۔
افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪري وڃڻ بعد خيبر پختونخواهه مسلسل دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي دهشتگرد اڪثر سرحد پار ڪري پوليس جي قافلن ۽ گاڏين کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي عملدار ۽ اهلڪار مارجي چڪا آهن۔
پاڪستان جي ’انسٽيٽيون آف ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪورٽي اسٽڊيز ‘ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اپريل دوران دهشتگردي جا 85 تصديق ٿيل حملا رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته مارچ ۾ انهن جو انگ 146 هو، يعني 42 سيڪڙو گهٽتائي آئي۔ رپورٽ موجب اهڙن حملن ۾ فوتين جو انگ پڻ 106 مان گهٽجي 60 رهجي ويو، جنهن سان گذريل مهيني کان شروع ٿيل گهٽتائي جو رجحان جاري رهيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو