ڪي پي کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ فراهمي جي منظوري

ڪي پي کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ فراهمي جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اي سي سي خيبرپختونخواهه کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ فرهام ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيبرپختونخواهه کي 50 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ناڻي واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ 4 هزار 150 روپيه في 40 ڪلو گرام جي حساب سان فراهم ڪئي ويندي. انهي کان علاوه اطلاعات واري وزارت لاءِ 2 ارب 67 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ به منظور ڪئي وئي. ناڻي واري وزير هدايت ڏني ته اهي فنڊز عوامي آگاهي مهم ۽ مشهوري واري سرگرمين جي لاءِ فراهم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو