اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد چيو آهي ته منڪي پاڪس جو واحد ڪيس خيبرپختونخواهه مان سامهون آيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ۾ به علامتون ظاهر ٿيون ته ان کي قرنطينه ۾ رکيو وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ منڪي پاڪس بابت اهم اجلاس ٿيو، ايم پوڪس 1970ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي انسانن ۾ تشخيص ٿيو هو،ڊاڪٽر مالڪ مختيار جو چوڻ هو ته منڪي پاڪس ۾ مبتلا ڪنهن کي به ٻين کان ڌار ڪيو وڃي،هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 99 هزار ماڻهن ۾ ايم پاڪس جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، آئسوليشن منڪي پاڪس جو بهترين علاج آهي.ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد جو چوڻ آهي ته هن وائرس سبب 200 جي لڳ ڀڳ موت واقع ٿي چڪا آهن، انهن موتين ۾ سڀ کان وڌيڪ اهي ٻار شامل آهن جن جي قوت مدافعت گهٽ هئي.هن چيو ته ان کان علاوه 98 هزار 800 ماڻهو هن وائرس مان صحتياب ٿي چڪا، هن بيماري جي تشخيص ۾ ڪجهه مسئلا آهن.هن بيماريءَ جي علامتن بابت ڊاڪٽر مالڪ مختار چيو ته جيڪي مريض هن وائرس ۾ مبتلا ٿين ٿا انهن ۾ 4 کان 15 ڏينهن ۾ ابتدائي علامتون ظاهر ٿينديون آهن، انهن علامتن ۾ بخار، جسم ۾ درد، گلن جو وڏو ٿيڻ شامل آهن.هن چيو ته صحت جي عالمي اداري طرفان هن بيماريءَ جي پکڙجڻ خلاف احتياطي تدبيرون تجويز ڪيون ويون آهن.ڊاڪٽر مالڪ مختار چيو ته هن مرض کان بچڻ جو بهترين طريقو سيلف قرنطينه آهي، جيڪڏهن ڪنهن ۾ اهي علامتون ظاهر ٿين ته ان کي قرنطينه ۾ رکيو وڃي.هن چيو ته اسمال پوڪس ويڪسين بيماري خلاف اثرائتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ماس ويڪسينيشن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو آهي ته ايئرپورٽ تي سمورن اعليٰ عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن جا پنهنجا ٽيسٽ وقت تي ڪرائن، هي مرض 90 کان 95 سيڪڙو تائين قابل علاج آهي.ڊاڪٽر مختيار ملڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين هن بيماريءَ جا 11 ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ پنجاب صوبي ۾ 4، خيبرپختونخواهه مان 3، اسلام آباد مان 2، بلوچستان مان هڪ ۽ سنڌ ۾ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي ڪيس عرب ملڪن مان آيل مسافرن کان آيا آهن.










