ٽانڪ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه حڪومت کان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي رقم وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ٽانڪ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪي پي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي رقم وڌائي، بهتر ٿيندو ته اها رقم 8 کان 10 لک رپيا ڪئي وڃي.هن چيو ته بلوچستان حڪومت به ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي 10-10 لک رپيا، ٻوڏ سبب مڪمل طور تباهه ٿيل گهر جي مالڪ کي 5 لک ۽ جزوي طور متاثر ٿيل گهر کي 2 لک رپيا امداد ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هو متاثر علائقن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻن ڏينهن ۾ صوبائي حڪومتن سان ملاقات ڪندو.شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي منهنجو سلام آهي، سڀ گڏجي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ وڏي وزير جي نگراني ۾ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو تمام سٺو ڪم آهي، اسان کي به برابري جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اعلان ڪيو ته ٽينڪ روڊ وفاقي حڪومت ٺاهيندي.










