ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائد اعظم جي مزار تي ٿيل نعربازي، ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندس گرفتاري سان جڙيل سمورن معاملن جي جاچ لاءِ 3 کان 5 صوبائي وزيرن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته جان کان مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ وقاص نالي شخص مسلم ليگ (ن) جي قائد اغظم مزار تي حاضري وقت موجود ئي نه هو ۽ ان وقت سندس موبائيل لوڪيشن سپر هاءِ وي تي بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي وٽ ظاهر ٿي آهي.

هن ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ٻه ايم پي اي ۽ هڪ وفاقي وزير ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ واري سازش ۾ ملوث هئا. هن ٻڌايو ته وقاص مفرور آهي اڄ شايد هن ضمانت ڪرائي آهي. هن سان گڏ نديم چانڊيو ۽ پانڌي خان به هئا جڏهن هو ٿاڻي تي ويا. هن چيو ته گهڻيون ڳالهيون اڳ ۾ ئي ميڊيا تي اچي چڪيون آهن ۽ مان نه ورجائيندس ۽ جيڪڏهن وزيرن واري جاچ ڪميٽي مونکي گهرايو ۽ بيان ورتو ته مان سڀ ڳالهيون ان ڏو رکندس ۽ سورس به ٻڌائيندس. هن چيوته ڪراچي وارو جلسو ڏسي پي ٽي آءِ وار گهٻرائي ۽ ڏڪي ويا. هن چيو ته مزار تي نعريبازي نه ٿيڻ گهرجي ها پر هي پهريون ڀيرو ايئن ناهي ٿيو عمران خان 2013 ۾ ان بعد ڪيترائي ڀيرا قائد جي مزار تي ويو ۽ نعريبازي ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته ان لاءِ قانون موجود آهي ۽ درخواست پوليس کي نه پر مئجسٽريٽ کي ڏيڻي پوندي آهي. هن چيو ته پوليس تي پي ٽي آءِ وارن دٻاءُ وڌو، هي ڪوڙا آهن ۽ سندن ڪوڙ واضح ٿي ويو آهي، هنن جي نيت مزار جي تقدس پامال ٿيڻ جي نه هئي، هي ملڪ کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃن، سڀي ادارن کي ملوث ڪري رهيا آهن، ڪڏهن هڪ پيج تي ڪڏهن هن پيج تي هي ڇا آهي؟ ڪم ڪريو نٿا حڪمراني بهتر ڪريو. جڏهن خبر هئي ته مسلم ليگ (ن) وارا مزار تي اچن ٿا ته پي ٽي آءِ وارن جي ان وقت وڃڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟ هن چيو ته جاچ ڪميشن م سڀني کي گهرايو ويندو ۽ جيڪي سفارشون آيون ان تي عمل ڪنداسين.










