ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگر جي سهائتا جي اپيل

ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگر جي سهائتا جي اپيل

سرحد(رپورٽرغلام عباس مهر) سرحد واسي ڪوڏي ڪوڏي جو پهلوان معاشي طور پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور، سرڪار کي واهر ڪرڻ جي اپيل، سرحد شهر واسي ڪوڏي ڪوڏي جي پهلوان الطاف حسين ولد محمد الياس لکڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي  هن دانهيندي چيو ته سال 2006 کان ڪوڏي ڪوڏي جي راند کيڏندا پيا اچون ۽ مختلف وقتن تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا ڪيترائي مقابلا پڻ کٽيا آھن، هن چيو ته سال 2009 کان سال 2019 تان مون ڪيترائي گولڊ ميڊل توڙي مڃتا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آھن ملڪ جي مختلف علائقن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان ڪيترائي مقابلا کٽي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آھي مگر سنڌ سرڪار رانديگرن ۽ پهلوانن  جي ڪا به پرگهور لهڻ لاء تيار ناهي،  هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ٻين علائقن جي ڪوڏي ڪوڏي جي پهلوانن کي وظيفا ۽ سهولتون مليل آھن مگر سنڌ جي ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملهه پهلوانن کي سنڌ سرڪار ڪا به سهولت ڏيڻ توڙي سهائتا ڪرڻ لاء تيار ئي ناهي هن، اسپورٽس کاتي توڙ سنڌ سرڪار ۽ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آھي ته مالي سهائتا ڪري سرحد ۾ ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏي جي پهلوانن لاء گرائونڊ ڏئي پهلوانن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو