موسيٰ خيل ۾ ٻن ڏينهن جي زلزلن سبب 125 مڪان متاثر، 19 ڄڻا معمولي زخمي

موسيٰ خيل ۾ ٻن ڏينهن جي زلزلن سبب 125 مڪان متاثر، 19 ڄڻا معمولي زخمي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي موسيٰ خيل ۾ 26 ۽ 27 جون تي ايندڙ زلزلن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 125 مڪانن کي جزوي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 19 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن. ضلعي انتظاميه موجب ٻنهي زلزلن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته 26 جون تي ايندڙ زلزلي سان تقريبن 90 مڪان متاثر ٿيا هئا، جڏهن ته 6 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا، اڄ ايندڙ زلزلي جي ڪري وڌيڪ 35 مڪانن کي نقصان پهتو ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿيا.انتظاميه موجب، زلزلن کان ترت پوءِ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون. زخمين ۽ متاثر ٿيل ماڻهن کي طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.متاثر خاندانن ۾ خيما، بسترا، بورچي خاني جو سامان، سولر لائيٽون ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن ته جيئن متاثرن کي فوري ريليف فراهم ڪري سگهجي.پي ڊي ايم اي (PDMA) موجب، صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر صورتحال تي مسلسل نظر رکيو پيو اچي، زلزلن سان ٿيندڙ نقصانن جو مڪمل اندازو لڳائڻ لاءِ جامع سروي پڻ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو