واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا، ڳائڻي، راڳي ۽ ٽي وي ميزبان ڪومل رضوي پنهنجي مڙس علي اپل سان مهندي تي رقص ڪيو جيڪو وائرل ٿي ويو آهي.اداڪارا عيد جي موقعي تي شادي ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.ڪومل رضوي جي نڪاح، مهندي ۽ شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي رهيون آهن.هاڻ ڪومل رضوي جي پنهنجي مڙس سان مهندي تي ڊانس ڪرڻ جي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي.هن وڊيو ۾ ڪومل رضوي کي ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ تي فلمايل گاني ڪجرا ري تي رقص ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ڪومل رضوي آمريڪا سان تعلق رکندڙ بزنس مين سليڪون وادي ٽيڪ ٽائيڪون علي اپل سان شادي ڪئي آهي.










