ڪورٽ نيب کي قائم علي شاهه کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪورٽ نيب کي قائم علي شاهه کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو .سيد قائم علي شاهه ضمانت کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي. سيد قائم علي شاهه مارچ ، اپريل ۽ مئي جا نيب ڪال اپ نوٽيس چيلينج ڪيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته، نيب ڪال اپ نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي۽ ڪيس جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت سندس درخواست منظور ڪندي نيب کي قائم علي شاهه جي گرفتاري کان روڪي ورتو ۽ سندس 8 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو