ڪورونا وائرس جا سنڌ ۾ 9 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

ڪورونا وائرس جا سنڌ ۾ 9 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪورونا وائرس جا اوچتو 9 نوان ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 16 ٿي ويو آهي. جن مان هڪ مريض مڪمل صحتياب ٿي گهر پهچي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو تعداد 13 ٿي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب 5 ڄڻا براسته شام ۽ 3 لنڊن مان ڪراچي پهتا آهن.

جڏهن ته ڪراچي اوڀر جي 53 سالن جي هڪ شخص جي ٽيست به پازيٽو آئي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت به ڪئي هئي جنهن ۾ هن فوري اپائن بابت هدايتون ڏنيون هيون. هوڏانهن چين ڪورونا وائرس جي تشخيص لاءِ وڌيڪ 12 هزار ڪٽس پاڪستان موڪليون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو