اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 مريض ان وبا سبب حياتي وڃائي ويٺو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.60 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.60 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.پاڪستان ۾ رڳو 67 وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ مريضن مان 85 جي حالت نازڪ آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 613 مريض فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 72 هزار 555 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 226 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 5 لک 19 هزار 794 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح ملتان ۾ 2.83 سيڪڙو، ڪوئيٽا ۾ 1.49 سيڪڙو، لاهور ۾ 1.20 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 0.0 سيڪڙو، 69 سيڪڙو ۽ 0.61 سيڪڙو آهي. سيڪڙو اسلام آباد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










