ڪورنگي جي فيڪٽري ۾ باهه جو واقعو.وزير جو نوٽيس

ڪورنگي جي فيڪٽري ۾ باهه جو واقعو.وزير جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪورنگي ابراهيم حيدري ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو نوٽس وٺندي ايم ڊي سائيٽ کي باهه لڳڻ واري معاملي جي جانچ پڙتال جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته فيڪٽري ورڪرن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي. هن امر جي اشد ضرورت آهي ته فيڪٽرين ۾ حادثن جي روڪٿام لاءِ موثر انتظام ڪيا وڃن. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته فيڪٽري مالڪ پنهنجي ورڪرن جي تحفظ کي يقيني بڻائين ته جيئن اهڙي قسم جا حادثا پيش ئي نه اچن. هن چيو ته غلفت ڪرڻ وارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو