ڪنڊيارو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ، نوجوان ۽ عورت قتل

ڪنڊيارو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ، نوجوان ۽ عورت قتل

ڪنڊيارو: (ن س) پي ايس ڪمال ديرو جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ دين خليفو ڪلهوڙو ۾ رات دير سان ڪارنهن الزام هيٺ مبينه ٻٽو قتل، هٿياربندن بندوق جا فائر ڪري عورت ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ عليم واهڻ جو رهواسي مسجد ۾ قرآن پڙهائيندڙ حافظ مشتاق سيال ۽ عورت نصرت ڪلهوڙو کي مبينه ڪارنھن الزام ھيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو. اهڙي اطلاع بعد ڪمال ديرو پوليس جا ء واردات پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء ڪمالديرو رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آئي.ان موقعي تي فوتي جي ڀاء حافظ امتياز سيال ميڊيا اڳيان دانهيدي چيو ته ڪافي وقت کان منهنجو ڀاء ڪچي جي علائقي ڳوٺ دين خليفو ڳوٺ ۾ قرآن شريف پڙھائيندو هيو ڪڏهن به اهڙي شڪايت نه ملي اڄ رات اوطاق ۾ ستل ڀاءُ کي گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪيو ويو انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ڪمال ديرو ڊي ايس پي ۽ ڪمال ديرو ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڪارنهن الزام هڻندڙ ڌر وٽ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن تمام جلد قاتل قانون جي گرفت ۾ هوندا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو