ڪميٽي جو مطالبو هو ته حلف نامي مان ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو اهو ڪڍو

ڪميٽي جو مطالبو هو ته حلف نامي مان ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو اهو ڪڍو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو هو ته حلف نامي مان اهي شيون ڪڍيون وڃن ته ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ڪيو ويندو.سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي جو ڪنهن به پارٽي سان تعلق ناهي، هو چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ايڪشن ڪميٽي 2023ع ۾ سامهون آئي، هنن چيو هو ته ڪڻڪ تي سٻسڊي ڏني وڃي ۽ بجلي پيداواري قيمت تي ملي، هنن تڏهن مظفرآباد ۾ ڌرڻو هنيو هو. جنهن کانپوءِ 30 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو ويو، 10 ارب روپيا بجلي جي منصوبي لاءِ ڏنا ويا. آزاد ڪشمير ۾ هن وقت 3 روپيا في يونٽ بجلي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته باقي ملڪ 48 روپيا ڏئي رهيو آهي. اسان ٻه پراڻا مطالبا پورا ڪيا پر هو شڪريو ادا ڪرڻ بدران 38 مطالبا کڻي آيا. رانا ثناءُ الله چيو ته اسان اڃا ٻه ڏينهن اڳ ايڪشن ڪميٽي سان ڳالهيون ڪيون، جن مان 37 مطالبن تي حڪومت هنن سان تحريري معاهدو ڪيو. هنن جو هڪ مطالبو هو ته مهاجرن واريون نشستون ختم ڪيون وڃن، ۽ چيائون ته مهاجرن جي سيٽن وارن ميمبرن کي وزير نه بڻايو وڃي. اسان کين چيو ته سيٽون ختم ڪرڻ انتظامي اختيار ناهي، مهاجرن کي ووٽ جي حق کان ڪيئن محروم ڪجي؟ تنهن تي هنن چيو ته ڪميٽي جوڙي ڏيو، اسان کي به ماڻهن کي مطمئن ڪرڻو آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته هاڻي هنن ڄاڻي واڻي 9 جون تي لانگ مارچ جو الٽيميٽم ڏنو، کين جنوري ۾ معلوم هو ته 4 آگسٽ کان اڳ چونڊون ٿيڻيون آهن، هنن جو پلان هو ته چونڊون ٿيڻ نه ڏنيون وڃن. اسان ٻيهر هنن سان مذاڪرات ڪرڻ وياسين ۽ کين هڪ هڪ ڳالهه جو حساب ڏنو. هنن چيو ته حلف نامي مان اهي شيون ڪڍو ته ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ڪيو ويندو. کين چيو سين ته ريفرنڊم ۾ اهو سوال رکي ڇڏيون ٿا، پر هنن چيو ته ريفرنڊم منظور ناهي. کين چيو سين ته اي پي سي (آل پارٽيز ڪانفرنس) گهرائي وٺو، تنهن تي چيائون ته هو سياسي پارٽين کي نٿا مڃن. هنن معاملو قانون ساز اسيمبليءَ ڏانهن موڪلڻ کان به انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان 9 جون تي مظفرآباد اينداسين. آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته موجوده اسيمبلي ان معاملي تي قانون سازي نٿي ڪري سگهي ۽ ڪنهن به ايگزیکٽو فيصلي ذريعي اهي سيٽون ختم نٿيون ڪري سگهجن. رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن اتي فائرنگ ڪئي، هو لشڪرڪشي ڪري رهيا آهن، ڀارت جا چينل اهي سڀ خبرون ڏئي رهيا آهن ته هو ڇا ڪرڻ چاهين ٿا. هو ٻڌائي رهيا آهن ته ڀارت جي ‘سندور 2’ آپريشن جو ڇا هلي رهيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيا آهن. ڪشمير پاڪستان جي شاهه رڳ آهي، پاڪستان جي ماڻهن ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ڪشمير جي آزاديءَ جو بنياد ئي پاڪستان سان الحاق هو، پاڪستان هر قيمت تي آزاد ڪشمير جو تحفظ ڪندو. جيڪڏهن شرپسند ڀارت جا هٿيارا بڻجي خرابيون ڪندا ته ساڻن قانون موجب نبريو ويندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ 65 سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڪيو، اتي سڄو ڏينهن ڪو به اڻوندڙ واقعو پيش نه آيو ۽ پوري دنيا چيو ته شفاف ۽ آزاد چونڊون ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو