ڪلوئي (ن سنڌيار)ڪلوئي تعلقي جي ٽن يوسين ۾ برسات ۽ سم نالي جو پاڻي بيٺل آهي ۽ مقامي آبادگار پريشان آهن ته ايندڙ چيٽ جو فصل به هو پوکي نه سگهندا. رهواسين عبدالرحيم نهڙيو نعيم الرحمن بچاڻي فتع خان سنگراسي خان محمد نهڙيو سائين عبدالرزاق نهڙيو حاڪم لنڊ ٻئين سخت احتجاج ڪندي چيو ته چوماسي جي تيز برساتن ۽ سم نالي جي گهارن سبب اسان جون زمينون پاڻي هيٺ آهن جنهن ڪري اسان چيٽ جا فصل پوکي نه سگهنداسين ھنن چيو ته اسان ڪافي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي اپيلون ڪيون آهن ته اسان جي علائقي مان پاڻي ڪڍيو وڃي ته جيئن اسان چيٽ جو فصل پوکي سگهون هتي جي رهواسين ضلعي انتظاميا ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برسات جو پاڻيءَ نيڪال ڪري رهواسين جون زمينون صاف ڪيون وڃن ته جيئن هتي جا آبادگار چيٽ جو فصل آساني سان پوکي سگهن.










