ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ آرڊي 45 چوڪي جي انچارج لکمير اوڏ مٿان اڻڄاتل هٿياربندن پاران قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ڏوهارين جي حملي ۾ چوڪي انچارج لکمير اوڏ سخت زخمي ٿي پيو جڏهن سندس جو پٽ ديوان اوڏ فوت ٿي ويو ڪشمور ۾ ذوالفقار شاهه محلي پنهنجي گھر کان چوڪي طرف ويندي رستي ۾ چوڪي انچارج لکمير اوڏ مٿان موٽرسائيڪل سوار ٽن کان وڌيڪ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري ڏنو حملو دوران وچ شهر اندر ڏوهارين ۽ چوڪي انچارج لکمير اوڏ وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ڏوهارين جي فائرنگ ۾ لکمير ۽ سندس جو پٽ ديوان اوڏ سخت زخمي ٿي پيا لکمير اوڏ زخمي ھئڻ باوجود ڏوهارين سان وڙھندو رھيو ۽ پنهنجي زخمي پٽ کي کڻي اسپتال پھتو جتي سندس جي پٽ ديوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري رحيم يار خان ريفر ڪئي پئي ويو ته نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد سندس جو مڙهه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمي چوڪي انچارج لکمير اوڏ کي طبي امداد پڻ فراهم ڪئي وئي واقعي کانپوءِ اڻڄاتل هٿياربند فائرنگ ڪندي وچ شهر مان باآساني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا واقعي بعد ڪشمور پوليس جوابدارن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه ڪيو واقعي دوران شھر اندر افرا تفري وارو ماحول ڇائنجي ويو ۽ شهرين ۾ خوف واري صورتحال پکڙي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










