اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز جي 3 ساله آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي معاملن تي جائزه اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سموري ملڪ جي ڪسٽم بانڊڊ ويئر هائوسز جو 3 ساله آزادانه ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز ۾ ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي ڪا گنجائش ناهي. هن هدايت ڪئي ته ڪنهن به بي ضابطگي يا غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس کي ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز ۽ ان لينڊ روينيو انفورسمنٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز ويئر هائوسز ۾ پيٽروليم شين سان لاڳاپيل ڪارگو جي نگراني وي-باک سسٽم سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته بانڊڊ واپار ملڪ جي گڏيل آمدني جو 16.5 سيڪڙو آهي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جي سمورن ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز جي فزيڪل اسٽاڪ جي تصديق ڪرائي ويندي. ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز جي لائسنسنگ ۽ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز جي ويليوئيشن ٽيسٽنگ ڪرائي ويندي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سسٽمز جو پڻ جائزو ورتو ويندو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪسٽمز بانڊڊ ويئر هائوسز ۾ بي ضابطگين جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن.اجلاس ۾ وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير اقتصادي معاملن احد خان چيمه، وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ، وفاقي وزير خزانه ۽ محصولات محمد اورنگزيب، وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات عطاالله تارڙ، وزير پيٽروليم ڊويزن علي پرويز ملڪ، وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شزا فاطمه، وزيراعظم جا صلاحڪار هارون اختر، قومي اسيمبلي جي ميمبر عثمان اويسي، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.










