ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن سبب سنڌ مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو

ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن سبب سنڌ مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آهي ته موجوده ڪرپٽ حڪمرانن ء ڪرپشن سبب سنڌ مسئلن جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي ،زرعي صوبي جي عوام اٽي کان محروم آھي،اٽو ٻ سئو رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي ،ڪڻڪ جي نئين فصل لھڻ باوجود غريب عوام کي اٽو سستو نٿو ملي،اڳتي حالتون وڌيڪ خراب ٿيندي نظر پيون اچن،ھن چيو ت گيس ء بجلي جي ورھاست م سنڌ سان زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن ،پوري ملڪ کي گيس ڏيندڙ صوبي جي عوام کي گيس نٿي ملي،بدترين گيس ء بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سنڌ جو عوام ٻٽي عذاب م مبتلا ٿي چڪو آهي ،سھڙن خيالن جو اظهار ھن فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان گڏ ڊاڪٽر علي عباس راڄپر جي دعوت جي موقعي تي ڪيو،سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ت حڪمرانن جا ڏينھن پورا ٿي چڪا آھن،پر آھي سالن تائين اقتدار کي ڇنڀڙيل رھڻ چاھن ٿا،موجودہ حڪمران جماعتون عوامي احتساب کان بچڻ لاء چونڊن کان ڀڄڻ چاھن ٿا پر ملڪ باشعور ء غيرتمند عوام انھن ڪنھن ب صورت م ڀڄڻ ن ڏيندو،ھن چيو اربين ء کربين رپين جي ڪرپشن م ملوث حڪمران جماعتن جا ماڻھون آزاد گھمن پيا پر نيب کي احتساب کي جڳھ سياسي انتقام لاء استعمال ڪيو پيو وڃي ،ان موقعي تي رئيس عباس راڄپر ب موجود ھئو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو