ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گڏاپ ٽائون جي هڪ گهر ۾ ڌاڙي جي واردات دوران 7 ڪروڙ ماليت کان وڌيڪ جو سون، چاندي ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ڦورو فرار ٿي ويا، جڏهن ته بوٽ بيسن وٽ هڪ ٻئي ڌار واردات ۾ هڪ بئنڪ مان رقم ٻئي بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ دوران ڦورو 25 لک ڦري فرار ٿي ويا ۽ رقم منتقل ڪندڙ ڊاڪٽر آڪاش ڪراس فائرنگ م مارجي ويو.
گڏاپ واردات بابت گهرڀاتين طرفان پوليس وٽ داخل ڪرايل درخواست موجب، ڌاڙيل گهر مان 175 تولا سون (جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ 58 لک رپيا) ۽ 300 تولا چاندي (جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 20 لک 38 هزار رپيا) ڦري کڻي ويا. ڌاڙيل ليپ ٽاپ، قيمتي گهڙيون ۽ ٻارن جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
پوليس موجب، گهرڀاتين ٻڌايو ته 8 هٿياربند جوابدار چار موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي آيا هئا. ڌاڙيلن هٿيارن جي زور تي گهر وارن کي يرغمال بڻائي واردات ڪئي. پوليس واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار گڏاپ ۾ ٿيل هن ڦر جي واردات جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته ڌاڙيلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، ڦريل سامان برآمد ڪيو وڃي ۽ واردات ۾ ملوث عنصرن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
ٻئي واردات ۾ ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ بئنڪ ٻاهران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار بئنڪ مان ڪڍيل 50 لک رپين مان 25 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا.
ايس ايس پي سائوٿ، مظهر علي ٻڌايو ته آڪاش نالي نوجوان، سندس والد ۽ هڪ ساٿي ٽي تلوار ڀرسان موجود هڪ خانگي بئنڪ مان 50 لک رپيا ڪڍيا هئا. اهي شهري اها رقم جمع ڪرائڻ لاءِ بوٽ بيسن واري بئنڪ ٻاهران پهتا ته هٿياربند جوابدارن سندن ڪار تي حملو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، ان دوران بئنڪ جي سيڪيورٽي گارڊ به فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ڌاڙيلن به فائرنگ ڪئي. ان ڏي وٺ دوران نوجوان آڪاش گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار 25 لک رپين وارو هڪ ٿيلهو ڦري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
پوليس موجب، فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان آڪاش پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو. 28 ورهين جو آڪاش پنهنجي والد سان گڏ بئنڪ مان رقم کڻي نڪتو هو. پوليس فائرنگ ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ کي به جاچ لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.










