ڪراچي، پوليس جي سافٽ ويئر هائوس  تي ڪارروائي، ملازمه بازياب

ڪراچي، پوليس جي سافٽ ويئر هائوس تي ڪارروائي، ملازمه بازياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پوليس ڪراچي جي گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ هڪ سافٽ ويئر هائوس تي ڇاپو هنيو ۽ هڪ ملازمه کي بچايو جنهن کي مبينا طور تي حراست ۾ رکيو ويو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته ملازمه کي سافٽ ويئر هائوس ۾ حراست ۾ رکيو ويو هو. جڏهن ڇوڪري جي گهر جا ماڻهو پهتا ته سافٽ ويئر هائوس جي گارڊ فائرنگ ڪئي.پوليس موجب، گارڊ جي فائرنگ جي جواب ۾، ڇوڪري جي گهر وارن به جوابي فائرنگ ڪئي.پوليس ڪارروائي ڪندي سافٽ ويئر هائوس جي منتظمين ۽ گارڊ سميت 5 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو