ڪراچي، مبينا پوليس مقابلا، 6 زخمين سميت 7 جوابدار گرفتار

ڪراچي، مبينا پوليس مقابلا، 6 زخمين سميت 7 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ دير سان رات جو 4 مبينا پوليس مقابلن کانپوءِ ڇهن زخمين سميت ستن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گلشن اقبال پوليس بلاڪ ست ويجهو فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف آرام باغ پوليس سي ٽي او ڪمپائونڊ ويجهو مبينا مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اورنگي ٽائون پوليس سيڪٽر 6E ويجهو ٻطرفي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار جو ساٿي رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فائرنگ ڪندو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. سائيٽ سپر هائي وي پوليس جو احسن آباد ويجهو جوابدارن سان مبينا مقابلو ٿيو، ٻطرفي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو