ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ پوليس آفيسر سميت ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڪياماڙي جي پي ٽي گرائونڊ ويجهو سنوڪر ڪلب تي موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نورالله نالي هڪ شهري مارجي ويو.پوليس موجب، واقعي ۾ ٻه هٿيار استعمال ڪيا ويا ۽ 15 گوليون هلايون ويون.شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته مقتول ٻي شادي ڪئي هئي ۽ سندس پهرين زال سان تڪرار هو.پوليس عملدارن موجب، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. فائرنگ جو ٻيو واقعو حسين آباد چورنگي جي ويجهو پيش آيو، جتي فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو.ٽئين واقعي ۾، ڪورنگي گوماڊا چورنگي جي ويجهو ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ پوليس ڪانسٽيبل عثمان زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي ڪورنگي طارق نواز موجب، ڪانسٽيبل هڪ شڪي کي پڪڙي ورتو هو جڏهن سندس ساٿي فائرنگ ڪئي. عثمان کي ٽنگ ۾ گولي لڳي هئي، پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.










