ڪراچي ۾ گئس عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ۾ گئس عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوئي سڌرن انتظاميه ڪراچي ۾ گئس عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ترجمان مطابق مرمتي ڪم سبب ڪراچي ۾ 20 ڪلاڪن لاءِ گئس جي فراهمي بند رهندي، خبر موجب سوئي سڌرن گئس ڪمپني کي گئس فراهم ڪندڙ گمبٽ جي پي ايف فور فيڊر لائن ۾ليڪيج سبب ڪراچي ۾ گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي، ان حوالي سان سوئي سڌرن گئس ڪمپني ٻڌايو ته پائپ لائن ليڪيج جي ڪري گئس جي فراهمي عارضي طور تي معطل ٿيو آهي. ترجمان مطابق ليڪيج سبب سسٽم ۾ 38 ايم ايم سي، ايف ڊي گئس جي گهٽتائي آهي، پي پي ايل جي ٽيم گئس جي سپلائي بند ڪري پائپ لائن جي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پائپ لائن جي مرمت جو ڪم ايندڙ 20 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گئس جي گهٽ پريشر کي منهن ڏيڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو