سامونڊي هوائون بحال ، موسم معمول تي اچي وئي

سامونڊي هوائون بحال ، موسم معمول تي اچي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گرمي کي ٽوڙيندڙ سامونڊي هوائون بحال ٿي ويون آهن.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪراچي ۾ سامونڊي هوائن جي بحالي جي خوش خبري ٻڌائي،سرد سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب سامونڊي هوائون بند ٿي ويون هيون پر ڪالهه شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿي ويون آهن.موسميات کاتي جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته اڄ ڪراچي ۾ موسم جولاءِ جي ڀيٽ ۾ معمول مطابق آهي، جولاءِ ۾ موسم خشڪ آهي، سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن، شهر ۾ صبح کان 15 کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن سردار سرفراز جو چوڻ هو ته مون سون جي وقفي سبب لاهور، گوجرانوالا ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اڄ صبح يا صبح تائين تيز برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو