ڪراچي ۾ تيز برسات، مختلف هنڌن تي ٻوڏ، 4 ڄڻا فوت

ڪراچي ۾ تيز برسات، مختلف هنڌن تي ٻوڏ، 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل 4 ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ گڏاپ ۾ لٺ ندي (ڊيم) سان گڏوگڏ شهر جي مختلف نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ائين ئي ملير ندي ۾ ٻوڏ سبب انتظاميا ڪورنگي ڪراسنگ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.ملير جي ايس ايس پي عرفان بهادر موجب گڏاپ سٽي ۾ لٺ ڊيم جي اسپل اوور سان ٻوڏ جي ڪري 3 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان هڪ شهري پاڻ بچائي ورتو، جڏهن ته هڪ جو لاش ڪڍيو ويو آهي ۽ هڪ جي ڳولا جاري آهي، خدشو آهي ته اهو به فوت ٿي ويو هوندو.هن ٻڌايو ته شاهه لطيف ٽائون جي علائقي يار محمد ڳوٺ ۾ سکن نالي ۾ ٻوڏ سبب ٻه نوجوان ٻڏي ويا، مقامي ماڻهن هڪ کي بچائي ورتو ۽ ٻئي جي ڳولا جاري آهي پر ان جي به فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.سندس چوڻ هو ته ملير ندي جي ڀرپاسي رهندڙن کي ٻين علائقن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ته جيئن امڪاني طور انساني جانين جي نقصان کان بچي سگهجي.هوڏانهن گارڊن پوليس ٻڌايو ته اعظم پلازا ڀرسان کير جي دڪان تي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.ايڌي فائونڊيش جي ترجمان ٻڌايو ته سعد ايڌي جي سربراهي ۾ ريسڪيو ٽيم قيوم آباد ۾ ٻن ڄڻن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، جڏهن ته ڪورنگي ڪاز وي تي برسات جي پاڻي ۾ ڦاسڻ سبب وڌيڪ ٻن ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو.ترجمان چيو ته مرتضيٰ چورنگي ڀرسان ملير ندي ۾ ٻوڏ ۾ 4 ڄڻا ڦاسي پيا هئا، جن کي امدادي ٽيم ريسڪيو ڪري ورتو، جڏهن ته لياري ايڪسپريس وي تي ضيا ڪالوني ۾ هڪ شخص ڦاسي پيو هو، جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو آهي.ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس ترجمان ٻڌايو ته ڊرگ روڊ تي شاهراهه فيصل، ملينيم ڀرسان راشد منهاس روڊ، حسن اسڪوائر، لالو کيت، سفاري پارڪ ڀرسان يونيورسٽي روڊ، اسٽيڊيم ڀرسان ايڪسپو سينٽر، حبيب بئنڪ جي پاسي سيمنز چورنگي، ڪورنگي ۽ ڪورنگي ڪاز وي ٻڏي ويا آهن، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو