ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون هلڻ ۽ ڦڙڦڙ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائون هلڻ ۽ ڦڙڦڙ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ ڪٿي ڪٿي ڦڙڦڙ (بوندا باندي) جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان تي جزوي طور جهڙالي ڇانيل رهڻ ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران شهر ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي ۽ ڪٿي ڪٿي هلڪي ڦڙڦڙ به ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي ۽ سمنڊ تان ايندڙ هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو