ڪراچي ۾ اڄ به برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ به برسات جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مينهن جو امڪان آهي،هڪ گهٽ دٻاءُ وارو نظام هندستان جي گجرات کان عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سان گڏ طوفاني هوائون لڳيون، جنهن گرمي جي لهر کي ٽوڙي ڇڏيو، ڪالهه ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ايئرپورٽ جي چوڌاري 33 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،برسات کان پوءِ شهر جي مکيه شاهراهن تي پاڻي جمع ٿي ويو، جنهن ۾ II چندري ڳڙهه روڊ، شارع فيصل ۽ ايم اي جناح روڊ شامل آهن، جنهن ٽريفڪ جي وهڪري کي سخت متاثر ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو