ڪراچي ۾ اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي ۾ اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري اسڪولن کي فراهم ڪتاب ۽ ڪاپيون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ ڪتاب ۽ ڪاپيون برآمد ڪري ورتون، ڪتاب ۽ ڪاپيون هڪ گهر ۾ لڪايون ويون هيون. پوليس ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سرڪاري فرياد تي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ تعليم کاتو جو عملو ملوث هجڻ جو ٻڌايو آهي، جوابدار سرڪاري اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب ڪور تبديل ڪري کپائيندا هئا. پوليس ٻڌايو ته جوابدار محمود آباد، ملير ۽ ڪورنگي ۾ دڪانن تي ڪاپيون ۽ ڪتاب کپائيندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو