ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر ڪيفي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص پنهنجي جان وڃائي ويٺو.پوليس موجب جهيڙي دوران سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿيو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي شخص اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ 22 سالن جي نجيب علي جي نالي سان ڪئي وئي آهي.پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ فائرنگ ۾ ملوث ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڪيفي جو مئنيجر شامل آهن. واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.










