ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ لياري ۾ جماعت اسلامي جي دفتر مٿان حملي ۽ 3 ڪارڪنن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تہ حڪومتي نا اھلي جي ڪري اڄ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سموري سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رھي آھي. سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچي ۾ڏينھن ڏٺي جو ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جو قتل، ملير توڙي گلشن حديد ۾ ڪروڙين رپيا ڦر جي وارداتن حڪومت جي ڪرائم ڪنٽرول توڙي امن امان جي مڙني دعون جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. ماڻھوءَ رات توڙي ڏينھن جو رھزني جي واداتن کان محفوظ ناھن رھيا جيڪا لاقانونيت جي انتھا آھي. پيپلز پارٽي جي سموري توجہه فقط مال ميڙڻ ۽ ھر ھنڌ ويٺل سسٽم کي مضبوط ڪرڻ آھي.جيڪا حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ نه ڪري سگهي تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو بہ حق ناھي.اسلام جو عادلاڻو نظام ئي سموري انسانذات کي امن سک چين ڏيئي سگهي ٿو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن عمرڪوٽ ۾ تنظيمي دوري جي موقعي تي ضلعي توڙي مقامي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سھيل احمد، ضلعي امير محمد اعجاز، جنرل سيڪريٽري غلام رسول چانڊيو سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود ھئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت هر سال پوليس، رينجرز سميت مختلف سيڪيورٽي ادارن تي امن امان جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪري ٿي.پر بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ايترو وڏو خرچ، اضافي فورس ۽ ڊگهي عرصي کان جاري سيڪيورٽي انتظامن باوجود ڏوهه گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ھي تہ صرف ھڪڙي شھر ڪراچي جي صورتحال آھي سنڌ جي ٻين شھرن ۾ امن و امان جو جائزو وٺو تہ اُتي به حڪومت جا ٽپڙ ٽيشن تي آھن. ھن گھر ڪئي تہ لياري ۾ جماعت اسلامي جي دفتر تي ٿيندڙ حملي توڙي ملوث ڏھارين کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سنڌ جي امير چيو تہ شھرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۽ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آھي ان لاءِ لازمي آهي ته پوليس کي سياسي اثر رسوخ کان آزاد ڪري مڪمل طور پيشه ور بنيادن تي منظم ۽ وي وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر پوليس اهلڪارن کي واپس عوام جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيو وڃي. ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن سياسي يا سماجي فرق جي سخت ۽ مسلسل آپريشن ڪيا وڃن. جاچ جي نظام کي جديد بڻايو وڃي، گرفتار ٿيل ڏوهارين کي قانون موجب سخت سزائون ڏيارڻ لاءِ عدالتي نظام سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي. ڇو تہ سنڌ جي خوشحالي ترقي سڪون لاءِ امن جي بحالي ۽ ڏوھن جو خاتمو اڻٽر آھي.#










