ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ پهريون ڊريجنگ آپريشن شروع

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ پهريون ڊريجنگ آپريشن شروع

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پنهنجي ڪاروباري ڀائيوارن لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.پورٽ انتظاميه موجب، نيشنل ڊريجنگ اينڊ مئرين سروسز ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ پهريون ڊريجنگ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پهريون ڀيرو، چار وڏا ڊريجر چار مهينن تائين بندرگاهه تي هڪ ئي وقت کوٽائي ڪندا.انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل، اپر ۽ لوئر هاربر جي برٿن کي وڏين جهازن کي سنڀالڻ لاءِ گہرو ڪيو پيو وڃي. پهريون ڀيرو، چار قسم جا ڊريجر، روٽر ڊرم، اٿينا، ابول ۽ انڊس ڊولفن، گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف، ڪراچي پورٽ تي ڊريجنگ جي مڪمل ٿيڻ سان، پاناماڪس جهازن جي حرڪت شروع ٿي ويندي، ۽ شهر هڪ علائقائي ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ حب جي طور تي مضبوط ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو