ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي قانون جي ڊگري رد ڪندي مٿس ٽن سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي، ڪراچي يونيورسٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب، قاضي محمد اڪرم جي پٽ طارق محمود جو ايل ايل بي جو نتيجو ۽ ڊگري رد ڪئي وئي آهي،نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شاگرد تي غير منصفانه طريقا استعمال ڪرڻ تي ٽن سالن جي پابندي پڻ لڳائي وئي آهي، ڪراچي يونيورسٽي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شاگرد کي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ ۽ امتحان ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب طارق محمود ڪڏهن به اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي جو باقاعده شاگرد نه هو.










