ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لسٻيلا علائقي ۾ پل جي ويجهو مين واٽر لائين مان چوري جو پتو لڳايو ويو.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، 33 انچ مين واٽر لائين مان هڪ سرنگ ٺاهي وئي.آپريشن جي نتيجي ۾، هڪ 80 هارس پاور هاءِ سيڪشن مشين ۽ هڪ 4 انچ پائپ لائن هٿ ڪئي وئي.واقعي ۾ ملوث جوابدار شڪيل مهر ۽ ابراهيم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.










