ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلديا يار محمد ڳوٺ ۾ فارم مان ٻن ڄڻن جا تشدد ٿيل ۽ گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس موجب مقامي ماڻهن جي اطلاع تي فورس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ لال بخش ولد احمد بخش جتوئي ۽ هوشيار علي ولد لطف علي ابڙو طور ٿي، لال بخش کي گوليون ۽ هوشيار علي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو آهي پوليس ٻڌايو آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، شاهديون گڏ ڪيون ويون، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي










