ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري

ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 55 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.واڌ جي منظوري گذريل مالي سال جي ٻئي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت ڏني وئي هئي.نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.نيپرا موجب مئي کان جولاءِ 2023ع دوران اضافي وصوليون ڪيون وينديون.نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت نيپرا سان ملڪ ۾ هڪجهڙو ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ رابطو ڪري ورتو.اهو فيصلو بجلي جي لائف لائين صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو