ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني چوپائي مال جي منڊين خلاف پوليس جي مدد سان انتظاميه پاران ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي جي ترجمان موجب ضلعي انتظاميه جي ڪارروائين دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته غير قانوني منڊين جي ڪري صفائي جو نظام ۽ ٽريفڪ متاثر ٿي رهي آهي، شاهراهن (وڏن رستن) تي جانورن جي خريد و فروخت بند ڪرائي وئي آهي ۽ غير قانوني مويشي منڊيون ختم ڪيون پيون وڃن.هن جو چوڻ آهي ته قائد جي شهر ۾ غير قانوني مويشي منڊين بابت ڪمشنر ڪراچي کي ڊپٽي ڪمشنرن رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جو چوڻ آهي ته غير قانوني منڊين جي ڪري صفائي جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته غير قانوني منڊين سبب ٽريفڪ جي دٻاءُ جي ڪري شهرين کي پڻ مشڪلاتن جو سامھون ڪرڻو پئجي رهيو آهي.










