ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ترجمان موجب، اڄ صبح 8:45 وڳي ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جي ٽئين فيز ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو، جنهن کانپوءِ ان فيز جي بجلي جي فراهمي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ واقعي کي ڪيبل فالٽ قرار ڏيندي فالٽ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فني ٽيم موقعي تي موڪلي ڇڏي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ڪيبل فالٽ سبب ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جا ٽي پمپ عارضي طور بند ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي کي روزانو فراهم ٿيندڙ 75 ملين گيلن پاڻي ۾ عارضي گهٽتائي جو امڪان آهي.
هن چيو ته پاڻي جي فراهمي ۾ ان عارضي گهٽتائي سبب نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، گلبرگ ٽائون، نيو ڪراچي، لانڍي، ڪورنگي ۽ اسڪيم 33 جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ متاثر ٿي سگهي ٿي.
ترجمان موجب، واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا فالٽ جي ترت خاتمي ۽ بجلي جي مڪمل بحالي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سان مسلسل رابطي ۾ آهي. بجلي بحال ٿيندي ئي متاثر ٿيل سڀئي پمپ ٻيهر آپريشنل ڪيا ويندا، جيئن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جلد کان جلد معمول تي آڻي سگهجي.










