ڪراچي جي پوليس ٿاڻي مان ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل 2 نوجوان بازياب

ڪراچي جي پوليس ٿاڻي مان ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل 2 نوجوان بازياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) قانون لاڳو ڪندڙ اداري سان گڏجي ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل 2 نوجوانن کي بازياب ڪرايو. ايس ايس پي اي وي سي سي موجب، يرغمالن جي خاندانن کي 50 لک رپيا تاوان لاء ڪال موصول ٿي.اغوا ڪندڙن ڀنگ جي رقم وٺڻ لاءِ پهريان قائد آباد فون ڪيو، ٻئي نمبر تي جوابدارن اغوا ٿيلن جي گهرڀاتين کي بارگاهه لطيف واري علائقي ۾ سڏيو.ايس ايس پي موجب اغوا ڪندڙن جي 4 ساٿين کي بازياب ٿيندي ئي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ويو جتي ٻنهي اغواڪارن کي پوليس ٿاڻي جي اندر هڪ ڪمري ۾ موجود هو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ڪنهن به اهلڪار يا آفيسر سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، قانوني ۽ کاتي جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو