ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اتر، اولهه ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ ٿنڊر سيل ٺهڻ جو امڪان آهي. ان حوالي سان موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وچولي کان تيز برسات ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ اڄ به ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون اتر اولهه کان هلي رهيون آهن، هوا ۾ نمي جو تناسب 70 سيڪڙو آهي.










