ڪراچي بار جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ ميدان ماري ورتو

ڪراچي بار جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ ميدان ماري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ ميدان ماري ورتو، عامر نواز وڙائچ 2 هزار 63 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي،جي ايم ڪورائي 648 ووٽ کڻي سگھيو ، عزيز غوري 893 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊجي ويو ، ارشد شر 1370 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجي ويو ،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، چونڊون چيف اليڪشن ڪمشنر بيرسٽر ذوالفقار علي جلباڻي جي نگراني هيٺ ٿي رهيون آهن، جيڪي شام جو 5 وڳي تائين جاري رهي، چونڊن ۾ صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ لائبريرين جي عهدن لاءِ مقابلو ٿيو، ان کان علاوه، منيجنگ ڪميٽي جي 11 ميمبرن جي سيٽن لاءِ پڻ چونڊون ڪرايون ويون، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون گذريل 7 مهينن دوران ڪيترائي ڀيرا ملتوي ٿي چڪيون آهن.ڪراچي بار جي نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري ارشد شر چيو ته کٽرائيندڙن جا احسان مند رهندس ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهندس، سنڌ جي اشوز تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو