ڪراچي: 2 ورهين جي ٻارڙي جي ضمانت لاءِ پيءُ عدالت پهچي ويو

ڪراچي: 2 ورهين جي ٻارڙي جي ضمانت لاءِ پيءُ عدالت پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هڪ شخص پنهنجي 2 ورهين جي ٻارڙي جي ضمانت لاءِ عدالت پهچي ويو.ڄاڻايل شخص پنهنجي 2 ورهين جي ٻارڙي جي ضمانت لاءِ ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ پيش ٿيو.بينظير انڪم سپورٽ جي رقم فراڊ ڪرڻ تي پوليس جوابدار شهريار کي گرفتار ڪري ورتو.جيڪسن پوليس ريمانڊ رپورٽ ۾ 2 ورهين جي نينگر کي مفرور جوابدار طور نامزد ڪيو آهي.فوتي پيءُ جو چوڻ آهي ته پوليس منهنجي 2 ورهين جي ٻارڙي جي گرفتاري لاءِ گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، 2 ٻارڙن تي جعلي فنگر پرنٽس ذريعي بينظير انڪم سپورٽ جي رقم ڪڍڻ جو الزام آهي.جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ لياقت گبول موجب جاچ آفيسر ڪيس ۾ ٻن ورهين جي ٻارڙي کي به نامزد ڪيو آهي، جاچ آفيسر ٻارڙي کي رقم لاءِ جوابدار نامزد ڪيو آهي.ايڊووڪيٽ لياقت گبول جو به چوڻ آهي ته هو ٻارڙي جي ضمانت وٺڻ آيو آهي، آءِ جي سنڌ کي درخواست آهي ته جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو