ڪامران ٽيسوري جي مبينا آڊيو ليڪ،گورنري مامري تي ڳالهيون

ڪامران ٽيسوري جي مبينا آڊيو ليڪ،گورنري مامري تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مصطفيٰ ڪمال جي وڊيو ليڪ ٿيڻ بعد گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي مبينا آڊيو به سامهون اچي وئي، آڊيو ۾ گورنر سنڌ ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ملڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ليڪ ٿيل آڊيو ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري چوي ٿو ته اسان پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ هئاسين، پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ تي اسان جو ووٽر ناراض ٿي ويو، گورنر چيو ته اسان وٽ پهرين 7 سيٽس هيون جيڪو اسان جو پنهنجو مينڊيٽ هو، اڄ اسان کي ووٽ نه مليو آهي،هن چيو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي بدلي هو اسان کي هڪ وزارت پيا ڏين ۽ گورنر به پنهنجو پيا آڻين، هنن جو چوڻ آهي ته اسان جو مينڊيٽ سئو سيڪڙو جعلي آهي،هن چيو ته مون هنن کي چيو ته اهڙي به جماعت آهي جنهن جو 2 سئو سيڪڙو مينڊيٽ جعلي آهي، رابطا ڪميٽي فيصلو ڪري ته ان دٻاءَ کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو