ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جيٽ فيول ۾ بدلائڻ جو ڪامياب تجربو

ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جيٽ فيول ۾ بدلائڻ جو ڪامياب تجربو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني سائنسدانن هڪ نئين ٽيڪنالاجي، جي تياري ۾ اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي، جنهن سان هوا جي آلودگي جو سبب بڻجندڙ گيسن کي هوابازي جي تيل تبديل ڪري سگهجي ٿو۔
چيني ميڊيا جي رپورٽ موجب شنگهائي ايڊوانسڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ماهرن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جهازن جي تيل ۾ تبديل ڪرڻ بابت اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي۔
ماهر هن ٽيڪنالاجي کي ليبارٽري کان ٻاهر وڏي پيماني تي استعمال ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن۔ انهن جي تحقيقي ڪم ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي سڌو هائيڊروڪاربان ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو جهاز جي تيل جو اهم جزو آهي۔
هن عمل دوران هن گيس کي پاڻي سان گڏ ملايو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي سيال تيل ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو۔ هي اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن عالمي سطح تي جهازن جي ايندھن جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن، خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران جي جنگ دوران تيل جي فراهمي متاثر ٿي آهي۔
هن تيل بابت تحقيق جا نتيجا ACS Catalysis ۾ شايع ٿيا آهن۔ چيني ماهرن ٻڌايو ته هن اڳڀرائي دوران ٽيڪنيڪي رڪاوٽن تي ضابطو آندو ويو آهي۔
سائنسدانن کي ڪيترن سالن کان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي هائيڊروڪاربان ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون، جنهن کي پوءِ تيل ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو۔
جيڪڏهن اهي هن ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته اها خام تيل تي انحصار گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي ۽ گڏوگڏ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ري سائيڪل ڪرڻ به ممڪن بڻائي سگهندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو