ڪابل (ويب ڊيسڪ)داعش افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ هڪ چيني ريسٽورنٽ ۾ ٿيل ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿيا.ريسٽورنٽ ڌماڪي جي متاثرين ۾ هڪ چيني مسلمان شهري ۽ 6 افغان شهري شامل هئا. چيني مسلمان شهري، عبدالمجيد، چين جي سنڪيانگ علائقي جو رهواسي هو.ڌماڪو چيني ريسٽورنٽ جي باورچی خانه جي ويجهو ٿيو، جيڪو هڪ چيني مسلمان شهري، عبدالمجيد، ۽ هڪ افغان شهري، عبدالجبار هلائي رهيو هو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻار پڻ شامل آهن.










