ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري رٿا جي ھر فورم تي مخالفت ڪئي آھي ۽ ڪندي رھندي. وڏي وزير اهڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صوبائي صدر مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ سيڪريٽري جنرل سنڌ علامه راشد محمود سومرو سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. انھيءَ دوران رٿابندي ۽ ترقي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري تي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون ويون. ملاقات ۾ جي يو آءِ (ف) جي صوبائي اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪينال اڏڻ واري رٿ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جي مسئلي تي عوامي موقف کي سامهون آڻڻ لاءِ جي يو آءِ (ف) ڪانفرنس منعقد ڪري رھي آھي. هنن وڏي وزير کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا سيد مراد علي شاهه قبول ڪئي ۽ پاڻي بابت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو يقين ڏياريو. جي يو آءِ وفد ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙن خلاف سنڌ حڪومت جو آپريشن جاري آهي. سيد مراد علي شاهه گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن تيز ڪيو وڃي. جي يو آءِ اڳواڻن ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پنھنجي جماعت جي سهڪار ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته پوليس ڪارروائيءَ کان سواءِ سمورين سياسي، سماجي ۽ علائقائي بااثر شخصيتن جي پڻ گھرج پوندي.










