ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪمند جي فصل جي مارڪيٽ ۾ اچڻ سان کنڊ جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.ڪراچي ۾ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 174 رپين کان گهٽجي 134 رپيا في ڪلوگرام ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ کنڊ جي ٿوڪ قيمت 136 رپيا في ڪلوگرام رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ کنڊ 143 کان 145 رپيا في ڪلوگرام ۾ موجود آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.










